شهزادي عابده سلطان

شهزادي عابده سلطان

عابده سلطان شهزادي

عابده سلطان، شهزادي: رياست ڀوپال جي شهزادي رياست جي چيف سيڪريٽري ڪابينا جي صدر، چانسلر چيمبر آف پرنسز، اڳوڻي آل انڊيا وومين اسڪوائش چيمپئين، شڪار جي ماهر، ليکڪا ۽ برازيل ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير واليءَ ڀوپال نواب حميدالله خان جي نياڻي، شهزادي عابده سلطان 28 آگسٽ 1913ع تي ڀوپال ۾ ڄائي. ورهاڱي کانپوءِ نواب حميدالله ته ڀوپال ۾ رهيو. پر عابده سلطان ۽ سندس والده 1950ع ۾ پاڪستان لڏي آيون ۽ ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير ٿيون. جتي کيس پهريان چليءَ ۾ ۽ پوءِ برازيل ۾ سفير مقرر ڪيو ويو. 1960ع ۾ سندس والد حميدالله خان جي وفات کانپوءِ عابده سلطان کي ڀوپال جي حڪمرانيءَ جي دعوت ڏني وئي، پر هن ان پيشڪش کي پنهنجي ڀيڻ جي حق ۾ دست بردار ٿيندي قبول ڪرڻ کان معذرت ڪئي ۽ پاڻ پاڪستان ۾ رهڻ کي ترجيح ڏنائين. پاڪستان جو اڳوڻو سيڪريٽري خارجه ۽ ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين شهريار خان سندس پٽ آهي، شهزادي عابده سلطان 11 مئي 2002ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه ڪراچيءَ ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1913.08.28  عيسوي

شهزادي عابده سلطان 28 آگسٽ 1913ع تي ڀوپال ۾ ڄائي.


2002.05.11  عيسوي

شهزادي عابده سلطان 11 مئي 2002ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه ڪراچيءَ ۾ آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بنو اميه
ريواچند نهالچند
پيرزادو واحد بخش عاشق
ويرو ڪولھي
چئناڻي حشمتراءِ آتما
پنڊت شاناڪ سارنگ سنڌي
ڦلو مل ميگھواڙ ڊاڪٽر
چانڊيو نواب غيبي خان
جتوئي علي بخش ڊاڪٽر
ڄام نظام الدين سمو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون